پاڻيءَ تي پهرو

پاڻيءَ تي پهرو

پاڻيءَ تي پهرو

پاڻيءَ تي پهرو (ڪتاب): هي سنڌ جي مزاحمتي شاعر راشد مورائيءَ جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي. هيءُ ڪتاب نامور ڪهاڻيڪار ناصر مورائيءَ ۽ نوجوان ڪهاڻيڪار مرحوم خادم ٻگهئي کي منسوب ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ شامل 27 ڪهاڻيون 1970ع کان 1980ع واري عرصي جون لکيل آهن، جڏهن ته بقول راشد مورائي جي ته: ”سندس ڪيتريون ڪهاڻيون گم ٿي ويون آهن، اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل جيڪي ڪهاڻيون کيس هٿ اچي سگهيون، سي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيون ويون آهن.“ ڪهاڻين تي تفصيلي مهاڳ، نامور شاعر، نقاد ۽ ڪهاڻيڪار مير محمد پيرزادي لکيو آهي. راشد جي هر ڪهاڻي سنڌ جي سورن جي ڪهاڻي آهي، جن ۾ ’پلاند‘، ’پيڙا جي پرک‘ ۽ ’جيها جي تيها‘ ۽ ٻيون اڪثر ڪهاڻيون قومي ڪهاڻين جي ذمري ۾ اچن ٿيون. سندس ڪهاڻي ’پاڻيءَ تي پهرو‘ سنڌوءَ تي ٻڌل ڊئمن جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. ٻيون ڪهاڻيون سماجي حقيقت نگاري ۽ سماج ۾ ترقي پسند لاڙن جي اثر هيٺ لکيل آهن. ڊيمي سائيز جي 112 صفحن جو هي ڪتاب فهد پبليڪيشن موري پاران سيپٽمبر 2006ع ۾ ڇپيو آهي ۽ هن ڪتاب جي قيمت 130 روپيا رکي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو